خديجه خانم دائود پوٽو

خديجه خانم دائود پوٽو

خديجه خانم دائود پوٽو

خديجه خانم دائود پوٽو: سنڌ جي نامور ليکڪا ۽ صحافي بيگم خديجه خانم دائود پوٽي جو پورو نالو خديجه خانم بنت ڊاڪٽر شمس الدين شيخ هو، سندن والد حيدرآباد جي مشهور علمي گهراڻي جو فرد هو، جن مان ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ هڪ ناميارو شخص ٿي گذريو آهي.
خديجه خانم دائود پوٽو 1918ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ عائشه شيخ سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر رهي آهي. خديجه خانم سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ تعليمدان شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي گهر واري هئي. نامور تعليم دان عيسيٰ دائود پوٽو سندس فرزند آهي. خديجه خانم دائود پوٽي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ ترتيب ڏئي ڇپائي. ان کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاعرن جو سرتاج‘ (شاه عبداللطيف ڀٽائي) پڻ قابل ذڪر ڪتاب آهي.
ڊاڪٽر خديجه خانم دائود پوٽو عورتن جي رسالي ’اديون‘ جي باني سرپرست ۽ ايڊيٽر رهي چڪي آهي. هن رسالي سنڌي عورتن ۾ تمام وڏي علمي، سماجي ۽ ادبي سجاڳي آندي ۽ ڪيتريون ئي ليکڪائون هن رسالي ۾ لکي، وڏيون اديبائون بڻيون. خديجه خانم دائود پوٽو جي وفات 21 جولاءِ 2001ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.


لفظ خديجه خانم دائود پوٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2001.07.21  عيسوي

خديجه خانم دائود پوٽو جي وفات 21 جولاءِ 2001ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زرغونه
ڀانيرا بابا پيارا سنگهه
رام شرن شرما
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
زنگي خان ٽالپر
امير حيدر شاهه
امداد ڪانھيو
بابا گوبند داس
سُهندي برهمڻ
سوڍوف سي ٿامس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون